نيويارڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر) اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته اتر لبنان ۾ اها 4 منزله عمارت هئي جنهن تي حملو ٿيو ، جنهن ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته انهن سببن کي ذهن ۾ رکندي ??سان کي عالمي انساني قانو?? جي حوالي سان حقيقي خدشا آهن، تنهن ڪري جنگ جي ??انونن، اڻبرابري ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي ??و ايڇ سي ايڇ آر ان واقعي جي ??وري، آزاد ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. گذريل ڏينهن اسرائيل جي ان فضائي حملي ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيا جن ۾ 12 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن. آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ لبنان ۾ فوتگين جو انگ هن وقت تائين 2200 کان وڌيڪ آهي. وچ اوڀر لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ڊائريڪٽر ريما جيموس امسيس چيو ته اهو انگ صورتحال وڌيڪ ڊرامائي هجڻ سان وڌي رهيو آهي. لبنان ۾ هن وقت تائين 1.2 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گڏيل قوم?? جي امداد واري رابطا آفيس (او سي ايڇ اي (اوچا) خبردار ڪيو آهي ته متاثر ٿيل سمورا ماڻهو ڏهاڪن کان بدترين انساني بحران کي برداشت ڪري رهيا آهن. اوچا هڪ آن لائن پوسٽ ۾ چيو ته صحت جي سهولتن تي حملا عالمي انساني قانون?? جي ڀڃڪڙي آهن. انهن کي ختم ٿيڻ گهرجي، شام سان لبنا?? جي سرحد تي به مايوس ڪندڙ منظرن جا اطلاع مليا آهن، جتي هن وقت تائين 283000 کان وڌيڪ ماڻهو حفاظت جي ڳولا ۾، اسرائيلي فضائي حملن سبب اتر شام ۾ داخل ٿي چڪا آهن، انهن ۾ 70 سيڪڙو شام واسي ۽ تقريبن 30 سيڪڙو لبنان جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ گڏيل قومن جي ??ارن جي ??نڊ (يونيسيف)الاقصيٰ اسپتال جي اڱڻ تي ٿيل حملي جي ??ذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري پاران اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea