مڪو شريف – 15 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي الحرمين الشريفين معاملن جي جنرل اٿارٽي مسجد الح??ام ۾ اعتڪاف لاءِ رجسٽريشن ??و اعلان ڪيو آهي. سبق نيوز مطابق جنرل اٿارٽي چيو آهي ته رجسٽريشن جي شروعات 17 مارچ 2024 (7 رمضان المبارڪ 1445 هه) کان اٿارٽي جي پورٽل ۽ ويب سائٽ ذريعي ٿيندي. ان حوالي سان ڪجهه شرطون رکيون ويون آهن جن مطابق اعتڪاف جي خواهشمند جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هجي ۽ 20 رمضان تي مقرر وقت تي مسجد الح??ام ۾ اعتڪاف لاءِ پهچڻ شامل آهي. اٿارٽي چيو آهي ته مسجد الح??ام ۾ اعتڪاف جا خواهشمند فوري طور تي رجسٽريشن ڪرائن ڇو ??و انگ مڪمل ٿيڻ تي رجسٽريشن روڪي ويندي. وا??ح رهي ته مسجد الح??ام ۽ مسجد نبوي انتظاميا هر سال اعتڪاف لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ۽ ان لاءِ مخصوص هنڌن ??و اعلان ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania