اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات ٿيندڙ بحث جي نتيجي، اتفاق راءِ تائين نه پهچڻ ۽ فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مي??برشپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل مي??برشپ ڏيڻ واري قرارداد جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي تي افسوس آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي گڏيل قومن ۾ شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو 75 سالن کان فسلطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصافي کي صحيح ڪرڻ طرف هڪ قدم هوندو ۽ اهو انهن جي خودمختياري جي حق جي تصديق ڪندو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام کي 4 جون 1967ع جي سرحدن جي اند?? هڪ آزاد ۽ خودمختيار ۽ متصل فسلطيني رياست ۾ رهڻ جو موروثي حق حاصل آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پاڪستان پاران فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل