اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪستان ۽ ترڪمانستان جي و?? ۾ ??راڻا تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ مواصلات ج?? شعب?? ۾ ??اڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولويوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ترڪمانستان جي سفير ترڪمان قيادت پاران وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمان عوام جي قومي اڳواڻ گربنگولي بردي محمدوف جا مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻنهي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ??ستقبل ۾ به ملاقاتن جو اهو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي و?? ۾ ??راڻي، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته ??نهي ملڪن جي و?? ۾ ??طرفي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ مواصلات ج?? شعب?? ۾ ??اڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ علائقائي تعاون جي حوالي سان قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح ج?? مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي سفير وزيراعظم کي ٻطرفي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ترڪمان سفير جيڪو اسلام آباد ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جو ڊين به آهي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي تعاون ۽ حمايت تي ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ ترڪمانستان ۾ پراڻا تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ