اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ اي اي الخطر ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وز??رت طرفان جاري بي??ن مطابق مدد علي سنڌي قطري وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي، لساني ۽ عوام هڪٻئي سا?? محبت ڪن ٿا. مدد علي سنڌي ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مه??رت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي تعريف ڪئي. مدد علي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن وز??رت جو عهدو سنڀاليو، استادن جي تربيت ۽ تعل??م جي معيار کي اولين ترجيح ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي پنهنجن دوستاڻن لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعل??م جي شع??ي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعل??م جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وز??رت ذريعي تيار ڪيل اِي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. پاڪستان ۾ جمهوريه قطر جي سفير چيو ته قطر جو عوام پاڪستان سان گهري وابستگي رکي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽيءَ سان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌائڻ جو رستو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارتن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان قطر جي سفير علي مبارڪ اي اي الخطر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas quina