اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي وچ م اقتصادي لاڳاپن ۽ مي??يا جي شعبن سميت ٻطرفي ثقافتي تعاون جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مي??يا ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جهڙا معاهدا ثقافت ۽ روايتن کي حقيي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هو ملاقات جي لاءِ آيل اسلامي جمهوريه ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ مي??يا جي شعبن ۾ تعاون، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا، ٻطرفي گڏيل واپاري لاڳاپن، ايران ايڪسپو 2024ع سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن خاص طور تي اي سي او تنظيم جي دائره ڪار ۾ گڏيل تعاون، اوڀر کان اولهه تائين لنگهه، ٻنهي ملڪن جي بندرگاهن تي ٻطرفي تعاون ۽ تهران اسلام آباد لاڳاپن ۾ توسيع جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ موقعا ڳولڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ايران گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. مرتضيٰ سولنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مي??يا جي شعبن ۾ تعاون کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چ??و ته پاڪستان ايران سان ??لم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ايران جي اسلامڪ ري پبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ مي??يا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ۽ ايران جي آڊيو ويزول مي??يا ريگيوليٽري اٿارٽي (ساترا) ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ مي??يا اينڊ پبلي ڪيشنز، پاڪستان ??يليويزن ڪارپوريشن ۽ ايران جي آڊيو ويزول ۽ سئنيما جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ??يليويزن ڪارپوريشن ۽ اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي وچ ۾ مفاهمتي عمل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ايران جي سفير اسلام آباد ۾ اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس کولڻ بابت اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس ايندڙ سال جنوري جي ٽئين هفتي ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس قائم ٿيڻ سان ??نهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته ايران سان ??يليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ لساني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آيا. اهي معاهدا اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. ملاقات ۾ ايران جي ثقافتي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته ايران جي ثقافتي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده آهي، اهڙي طرح جي دورن سان ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته ايران جي ثقافتي وفد کي پاڪستان جي مي??يا هائوسز، پريس ڪلبز ۽ ٻين ثقافتي ادارن جو دورو ڪرايو ويندو. ملاقات ۾ ايران ايڪسپو 2024ع جي حوالي سان ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چ??و ته ايران ايڪسپو 2024ع ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان گڏيل اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايران جي سفير چيو ته ايران ايڪسپو 2024ع ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن جي لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير ايراني سفير کي پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ??دمن بابت آگاهه ڪندي چ??و ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ معاونت ڪرڻ آهي، صاف، شفاف ۽ غيرجابداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته نگران حڪومت ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. ايران جي سفير صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي عزم کي ساراهيو.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جهڙا معاهدا ثقافت ۽ روايتن کي حقيي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ