جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خل??ف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ڪشي عالمي ??ان??ن، معاهدن ۽ قراردادن جي خل??ف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته او آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظري?? جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خل??ف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ڪش?? جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ