اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي ??بديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جنيوا ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد ماحولياتي ??بديلين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي ل??ءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ آهي، ماحولياتي ??بديلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پائيدار حڪمت عملي سميت فوري طور تي فنڊز سميت وسيلن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان هيومنٽيرين فورم (پي ايڇ ايف) جي پينل تي ??المي غيرسرڪاري تنظيمن (آءِ اين جي اوز) جي ڪنٽري ڊائريڪٽرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو جنهن ۾ ايندڙ 9 جنوري تي ??نيوا ۾ عالمي ڪانفرنس جي ل??ءِ مشاورت ڪئي وئي. حڪومت ٽي ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي بحالي ل??ءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو اهو تمام وڏو انگ آهي. ٻوڏ جي ڪري انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي ل??ءِ اسان جي سورنهن ارب آمريڪي ڊالر جي فراهمي لازمي آهي ڇو ته نئين سر تعمير جو عمل مڪمل ٿيڻ هڪ ٻي موسم اسان کي متاثر ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪانفرنس ۾ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، جنهن ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن ۽ انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي گڏيل صدارت وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪندا. اسان پنهنجي عالمي حصيدارن جي حمايت ۽ تعاون جا ٿورائتا آهيون ۽ اسان پاڪستان ۾ رونما ٿيندڙ ماحولياتي ۽ موسمياتي ??بديلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ٺوس طريقن ۽ ذريعن جي ڳولا جا منتظر آهيون جنهن ۾ صوبائي موقف جو اظهار پڻ شامل آهي. وفاقي وز??ر پاڪستان ۾ آءِ اين جي اوز پاران ڪئي ويندڙ انساني امدادي ڪوششن کي ساراهيو، خاص طور تي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ جنهن 33 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو. پي ايڇ ايف جي ميمبر آءِ اين جي اوز ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ 150 ملين آمريڪي ڊالر جمع ڪيا آهن. ماحولياتي ??بديلي واري وزارت ۽ آءِ اين جي اوز کي هيٺئين سطح تي ماحولياتي ??بديلين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ اين جي اوز کي مستقبل جي ل??ءِ پنهنجي تزويراتي موقف ۾ ماحولياتي ??بديلين جي اثرن کي به شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ان حوالي سان حصيدارن جون تجويزون ??ه معنيٰ خيز ثابت ٿينديون. وفد ۾ پاڪستان هيومنٽيرين فورم، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي، آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ، مرسي ڪور، مسلم ايڊ، مسلم هينڊز، ويلٿنگر هيلپ ۽ آڪسفيم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.
جنيوا ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد عالمي حمايت حاصل ڪرڻ آهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena