اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ت?? پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ٿو ۽ هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريان ٿو. پريس ڪانفرنس ??وران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته آئون پنهنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي ت?? نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته بطور پرڏيهي وزير منهنجو استحقاق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو منهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿيو آهي. سندس محنت جي ڪر?? پ??ڪستان فيٽف جي گ??ي لسٽ مان ٻاهر نڪتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سندس دورن جي ڪر?? پ??ڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا ??هن. پاڪستان هن وقت جي 77 يعني پوري دنيا ??ي اسرندڙ ملڪن جي اتحاد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو جيڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته توهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙهو. دنيا ??ي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪيو آهي ت?? عالمي فنانشل ادارا امير ملڪن بدران غريب ملڪن کي فائدو ڏين.
پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ٿو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج