اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي ل??ءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خيل بنون ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد وسيم جي والد سان فون تي افسوس جو اظهار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قرباني جي ل??ءِ تيار آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ل??ءِ شهيد جي قرباني ۽ والد جي حب الو??ني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار شجاع محمد جي ڀاءُ محمد اشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي عبدالرحمان جي ڀاءُ گوهر ياسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀاءُ صدر سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قربان، 10 ڀاءُ هجو?? ها تڏهن به شهادت جي ل??ءِ تيار هجو?? ها. صدر نائيڪ محمد رمضان جي چاچي سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي ل??ءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي ل??ءِ دعا ڪئي.
صدر پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری