لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت راوي ا??بن ڊولپمينٽ منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي، جتي ا??بن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهو??تن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي ا??اگر ڪندي ان کي ب??تر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو، منصوبي جي باري ۾ هائوسنگ سوسائٽي هجڻ جو تصور درست نه آهي، پر اهو شهرن کانسواءِ ڪنهن منصوبي جي تعمير ۾ ٿيڻ وارين غلطين کي صحيح ڪرڻ جو وڏو منصوبو آهي، 2 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ، زمين هيٺ پاڻي جي ڪرندڙ سطح کي ب??ند ڪرڻ ۽ سيوريج جي فلٽريشن ان منصوبي جون نمايان خصوصيتون آهن، 20 ارب ڊالر جي ان منصوبي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رک جهوڪ ۾ پنهنجي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته راوي ا??بن ڊولپمينٽ منصوبي جي ڪري لاهور هڪ نئون شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اسلام آباد کانپوءِ پلاننگ تحت پهريون ڀيرو لاهور ٻيو وڏو شهر ٿيندو، منصوبي تحت ئي راوي درياءُ جو بچاءُ ممڪن آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها پهرين حڪومت آهي جنهن ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جو ذمو کنيو آهي، 20 ارب ڊالر جي منصوبي سان غير ملڪي فنڊنگ ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ايندي، منصوبي سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪ ۾ 30 کان 40 نيون صنعتون به لڳنديون، هن وقت تائين ڏيڍ ارب ڊالر جي غير ملڪي سيڙپڪاري ملڪ ۾ اچي چڪي آهي. جيڪا انتهائي خوش آئنده آهي ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ راوي ا??بن ڊولپمينٽ پروجيڪٽ کي صحيح طريقي سان پيش ناهي ڪيو ويو، حڪومت ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي جتي ا??بن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهو??تن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي ا??اگر ڪندي ان کي ب??تر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.
حڪومت راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن