اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ??رقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد الجسر چيو آهي ته ڪو به ملڪ ۽ ادارو افغانستا?? جي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، افغانستان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ??طح تي ڪوشش?? جي ضرورت آهي، افغانستان کي انساني همدردي تحت امداد سان گڏوگڏ پائيدار ترقي ۽ مالي امداد جي فراهمي ??روري آهي. هو اسلامي ??عاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته اڄ اسان افغانستا?? جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اسلامي ??رقياتي بئنڪ جي چيئرمين چيو ته عالمي ??رادري کي ماضي مان سبق سکندي افغانستا?? جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي ??دارن ۽ علائقائي تنظيمن کي موجوده صورتحال ۾ افغانستا?? جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو موجوده بحران مان نڪري سگهي، افغانستا?? جي گهڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي جنه?? جي مدد جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته بئنڪ 1975ع کان اسلامي ??نيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ گذريل 46 سالن دوران هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪ?? جي ڀرپور مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد انهن کي اقتصادي ۽ سماجي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته افغانستا?? جي لاءِ هيومنٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي، اسلامي ??رقياتي بئنڪ افغانستان ۾ مالياتي رابطي جي لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندي، اسان سمورن ملڪن کان ان بابت تعاون جا گهرجائو آهيون. اسلامي ??رقياتي بئنڪ جي چيئرمين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ افغانستا?? جي صورتحال تي غور جي لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل، ميمبر ملڪ?? جي پرڏيهي وزيرن، نمائندن ۽ مبصرن کانسواءِ گڏيل قوم?? جي مختلف تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ادار?? جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس پاڪستا?? جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستا?? جي موجوده صورتحال طرف عالمي ??رادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به وڏي انساني بحران کان روڪي سگهجي. اسلامي ??عاون تنظيم پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان امت پاران افغانستا?? جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. ان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته افغانستا?? جي موجوده صورتحال رڳو هڪ انساني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ا?? جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي ??من ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. گڏيل قوم?? جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي ??مداد ڪوآرڊينيٽر مارٽن گريفٿس پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستا?? جي موجوده صورتحال جي ڪري ملڪي معيشت کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهن کي بک جو خطرو آهي، ان صورتحال جي ڪري ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا به بري طرح متاثر ٿيا آهن، 70 سيڪڙو استادن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن جڏهن ته لکين ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده صورتحال جي ڪري سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي، انساني همدردي جي ادارن کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ عالمي ??رقياتي امداد بند ٿي وئي آهي ۽ ا?? جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري پڻ وڌي وئي آهي. هن چيو ته او آءِ سي افغانستان ۾ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ جي هي ڪانفرنس افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ايندڙ سال افغانستا?? جي حوالي سان 4.5 ارب ڊالر امداد جي وڏي اپيل ڪندي، افغانستان ۾ صحت، تعليم، بجلي ۽ ٻين شعبن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ امداد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان يڪجهتي ۽ فوري قدم نه کنيا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، موجوده صورتحال جي ڪري افغانستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻارڻ جي قيمت وڌي وئي آهي.
ڪو به ملڪ ۽ ادارو افغانستان جي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي: اسلامي ترقياتي بئنڪ جو چيئرمين
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری