اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته ??ار??ي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي ??ار?? پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات ??ار?? مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي منصب سنڀالڻ تي ??با??ڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي ??با??ڪباد ڏيندي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري ??ار?? حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي ??ل ڪرڻ سان گڏوگڏ ??ار??ي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار??ي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي چ??وت ه ??ار??ي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.