لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ر??ور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي ر??ائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن ??يو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن ??ي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ر??ور فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي ر??واسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ??يڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منص??بن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا