اسلام آباد– 23 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير خسرو بختيار چيو آ??ي ته 20-2019ع جو ترقياتي بجيٽ 1837 ارب رپين جو هوندو ج??هن مان ايندڙ مالي سال جو وفاقي ترقياتي بجيٽ 925 ارب جڏهن ته صوبن جو حصو 912 ارب هوندو. موجوده حڪومت معيشت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، هي اسان جي حڪومت جو پهريون پي ايس ڊي پي آهي، شديد مالي ڏُکيائين باوجود ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ ڪجهه نَون ۽ اهم سيڪٽرن لاءِ رقم مخصوص ڪئي وئي آهي ج??هن ۾ ڪلين گرين پاڪستان، موسمياتي تبديلي، ناليج اڪانامي، انساني ترقيءَ جي وسيلن، زراعت جي ترقي ۽ علائقائي هڪجهڙائي ترقياتي پروگرام شامل آهن. اهڙو اظهار هن سالياني رٿابندي، رابطا ڪميٽي (اي پي سي سي) جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت