جڪارته _ 21 جون (اي پي پي ) انڊونيشيا جي اوڀر صوبي پاپوا ۾ 5.7 شدت جي زلزل?? جا لوڏا محسوس ڪيا ويا پر سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي. انڊونيشيا جي موسميات کاتي ۽ جيوفزڪس ايجنسي ٻڌايو ته زلزل?? جا لوڏا گادي واري شهر جڪارته جي مقامي وقت مطابق جمعي ڏينهن صبح 7 لڳي 11 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز ياليمور ايجنسي ک??ن 68 ڪلو ميٽر اتر اوڀر ۾ ۽ زمين جي سطح کان 78 ڪلو ميٽر جي اونهائي ۾ هو. ايجنسي مطابق زلزلي بعد سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي. شنوا صوبائي موسميات واري ک??تي جي عهديدار ڪيرولين جي حوالي سا?? ٻڌايو ته زلزلي سبب متاثر علائقن کان ڪنهن قسم جي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو .
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز