روم -14 جون (اي پي پي ) ترقي يافته معيشتن تي ٻڌل گر??پ جي سيون روسي فوج سان وڙهڻ ۾ مدد لاءِ يوڪرين کي 50 ارب ڊالرن جي وڏي رقم فراهم ڪرڻ جي مقصد سان منجمند روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بي بي سي موجب اٽلي جي ڏاکڻي شهر پگليا ۾ جي سيون سربر??هي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي ص??ر جوبائيڊن چيو ته اهو قدم روس لاءِ هڪ يادگيري آهي ته اسان روس کان جنگ کٽڻ تائين يوڪرين جي حمايت کان پوئتي نه هٽي رهيا آهيون ۽ نه ئي روس جي ص??ر ولاديمير پيوٽن اسان کي ڌار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب اها رقم هلندڙ سال جي آخر تائين به يوڪرين کي ملڻ جي اميد ن??هي پر ان کي يوڪرين جي جنگي ڪوششن ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حل طور ڏٺو پيو وڃي. اٽلي ۾ جي سيون سربر??هي اجلاس جي موقعي تي يوڪري جي ص??ر ولاديمير زيلنسڪي ۽ آمريڪي ص??ر جوبائيڊن يوڪرين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 10 سالن جي سيڪيورٽي معاهدي تي ص??يحون به ڪيون . 2022 ۾ روس جو يوڪرين تي حملي کان پوءِ يورپي يو??ين سان سهڪار سان جي سيون طرفان روس جي تقريبن 325 بلين ڊالر جي اثاثن کي منجمند ڪيو ويو هو . روس جي مرڪزي بينڪ جي مجنمند اثاثن مان وڌيڪ اثاثا بيلجيئم ۾ رکيا ويا آهن، انهن اثاثن تي ساليانو اٽڪل ٽي بلين ڊالر وياج حاصل ٿي رهيو آهي . جي سيون جي منصوبي موجب ??هي ٽي بلين ڊالر يوڪرين جي لاءِ 50 بلين ڊالر جي قرض تي ساليانو وياج جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪيا ويندا پر عالمي قانون تحت ملڪ روس مان انهن اثاثن کي ضبط ڪري يوڪرين کي نٿا ڏئي سگهن. يوڪريني ص??ر پنهنجي آمريڪي ۽ ٻين اتحادين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو .
جي سيون پاران يوڪرين کي 50 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ منجمد روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ