گڏيل قومون/ رمله – 19 اپريل (اي پي پي) آمريڪا گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي فلسطيني درخواست ??ي ويٽو ڪري ڇڏيو. سلامتي ڪائونسل فلسطين جي گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر بنجڻ واري ڪوشش کي آمريڪا ??رفان هڪ وسيع حمايت يافته قرارداد تي ويٽو ڪرڻ جي ڪري روڪي ڇڏيو جنهن ۾ فلسطين کي اداري ۾ مڪمل رڪنيت جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. الجزائر طرفان 15 رڪني ڪائونسل ۾ پيش ڪ??ل ان تجويز جي حق ۾ 12 ووٽ مليا، آمريڪا ??ن جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ۽ برطانيا ان ۾ حصو نه ورتو. گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن جي جاءِ نه ٿا وٺڻ چاهيون بلڪه گڏيل قومن ۾ برابري جي بنياد تي داخل ٿيڻ چاهيون ٿا. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين کي مڪمل رياست جي رڪنيتڏيڻ واري درخواست ??ي ويٽو ڪرڻ کي فلسطين شديد تنقيد جو نشانو بنائيندي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي. فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪا ??رفان درخواست ??ي ويٽو ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو ته اهو قدم غير اخلاقي ۽ غير منصفاڻو آهي.
آمريڪا گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي فلسطيني درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو، فلسطين جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : loteria estadual