مدينو _22 جون(اي پي پي) مديني جي اسپتالن ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ دل جي بيمارين جي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي،سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب حج سيزن جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 124 ڪارڊي?? ڪيٿٽرائزيشن، جنرل سرجري ۽ او??ن هارٽ سرجريون ڪيون ويون آهن. مديني منوره جي ڪنگ عبدالعزيز ڪڊني سينٽر ۾10 بيڊ مختص ڪيا ويا آهن ۽ روزاني جي بنياد تي 40 ڊائيلاسز ٿين ٿا. هڪ مهيني دوران مختلف ملڪن جي 64 حاجين کي ڪارڊي?? ڪيٿٽرائز??شن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، 56 جنرل آپر??شن ڪيا ويا ۽ 04 او??ن هارٽ سرجريون ڪيون ويون جڏهن ته 122 حج پانڌيئڙن کي ڊائيلاسز جي سهولت فراهم ڪئي وئي. واضع رهي ته ذي ا??حجه جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين مديني منوره ۾ 07 لک 96 هزار حج پانڌيئڙا هوائي ۽ سامونڊي رستي سعودي عرب پهچي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز