اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي اجاز?? ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي درآمد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي ر??ڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائ??ن ??و فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي و??ي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽ??ن ??ت?? ڪيون وينديون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ اٽي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena