اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پا??ستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا ??ان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پا??ستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد بنيادن ??ي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پا??ستاني ڪمپني بي ايف بائيو سائنسز کي ڪورونا وائرس جي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پا??ستان ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، اهو قدم پا??ستان جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا، واپار ??اري خاص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.
پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي: ڊاڪٽر ظفر مرزا
مضمون کا ماخذ : ریل رش