اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو ??يصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو ??يصلو نه ڪريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪا??ڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ جي اهميت کان ڪير به ا??ڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاط?? ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.
سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔