اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ان عزم کي ورجايو آهي ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت جاري رکندا، سي پيڪ منصوبو چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ ويزن جو عڪاس آهي جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پرعزم آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. پاڪستان جي دوري تي آيل چين جي پرڏيهي وزير و??نگ زي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سندس استقبال ڪيو. ٻنهي هم منصبن جي وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ