ڪراچي – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي، حڪومت نه رڳو 10 هزار ميگاواٽ توانائي جا منصوبا شروع ڪيا پر انهن کي وقت سر مڪمل ڪيو، توانائي جي ڪيترائي منصوبا پڄاڻي جي ويجهو آهن، هاڻي بجلي وڏي مقدار ۾ م??ي رهي آهي، حڪومت اهم قدم کڻندي گئس بحران تي ضابطو آندو، آمريت عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ سدائين ناڪام رهي ۽ آمراڻا دور ڪڏهن به م??ڪ جي مستقبل جي مفاد ۾ ناهن رهيا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽر??ين?? لميٽيڊ (پي آءِ بي ٽي) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پي آءِ بي ٽي م??ڪ جو ڪوئلي، ڪلنڪر ۽ سي??ين?? جي چرپر لاءِ پهرين ٽر??ين?? آهي جيڪو پورٽ قاسم تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن تي 285 ملين ڊالر جي لاڳت آئي آهي ۽ هيستائين ڪوئلي جا 12 بحري جهاز لنگر انداز ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جمهوريت جي حل ۾ فيصلو ڏيڻ تي پاڪستاني عوام کي ڪريڊٽ ڏيندي چيو ته ترقي جي سفر لاءِ جمهوري عمل جو تسلسل ضروري آهي.
ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil