ڪينبرا-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آس??ري??يا افغانستان ۾ جنگ وڙهندڙ ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن جي يونٽ مبينه جنگي ڏوهن ۽ غي?? قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا. پرڏيهي خابرو اداري موجب آس??ريلوي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس چيو ته اهو فيصلو ماضي جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. اهو فيصلو ان مخصوص يونٽ جي ڪمانڊرن بابت آهي جيڪي 2005ع ۽ 2016ع جي وچ ڌاري انچارج طور فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا. ڪمانڊر جن جو انگ 10 کان گهٽ ٻڌايو ويو آهي، انهن کان ايوارڊز واپس ورتا ويندا، تنهن هونددي به رازداري جي اصولن تحت انهن جا نالا جاري نه ڪيا ويندا. هڪ سرڪاري انڪوائري ۾ 11 سالن جي عرصي ۾ آس??ري??يا جي ايليٽ اسپيشل فورسز هٿان افغانستان ۾ 39 شهرين ۽ قيدين جي مبينه غي?? قانوني قتل جي جاچ ڪئي وئي، 2020ع ۾ ٿيل جاچ ۾ آس??ريلوي فورسز طرفان موت جي سزا، لاشن جي ڳڻپ ۽ تشدد جا الزام سامهون آيا هئا ۽ پوليس کي 19 ماڻهن خلاف جاچ جي سفارش ڪئي وئي هئي، انڪوائري ۾ 19 ماڻهن کي آس??ريلين فيڊرل پوليس حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي هئي پر اهو عمل دير جو شڪار آهي. اسٽريلوي دفاع واري وزير چيو ته گذر??ل ڏينهن فيصلي ۾ شامل ڪمانڊرن کي انهن جي يونٽس جي مبينه طور ڪيل جنگي ڏوهن بابت علم نه هو، پر انهن جي حوالي سان اها اميد هئي ته کين معلوم ٿي ويندو ته ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته آس??ري??يا هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ کي جوابده سمجهي ٿو، آس??ري??يا جو گورنر جنرل اهو طئي ڪندو ته تمغا ڪيئن ۽ ڪڏهن واپس ورتا وڃن.
افغانستان ۾ جنگي ڏوهه ڪرڻ سبب آسٽريليا پاران ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج