تل ابيب – 9 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو غزه جي حوالي سان ڳالهين ل??ءِ هڪ وفد 15 آگسٽ تي مو??لڻ جو اعلان ڪيو آهي. تاس اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ ٻين ٽياڪڙن جي تجويز تي اسرائيل 15 آگسٽ تي ڳالهين ل??ءِ هڪ وفد مو??ليندو جنهن جي هنڌ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ان وفد جي روانگي جو مقصد فريم ورڪ معاهدي تي عمل جا تفصيل طئي ڪرڻ آهي. ان کان اڳ مصر، قطر ۽ آمريڪا جي اڳواڻن هڪ گڏيل بيان ۾ ڌرين سان 15 آگسٽ تي دوحه يا قاهره ۾ غزه پٽي ۾ جنگ بندي جي حوالي سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔