بڊاپسٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) هنگري جي مرڪزي ۽ اولهه وارن علائقن ۾ شديد ??رفباري سبب زندگي جو ڪاروهنوار درهم برهم ٿي ويو ۽ روڊن، ريلوي لائنن ۽ هوائي ا??ن تي ا?? وڃ متاثر ٿي. هنگري جي ڊيزاسٽر منيجمنٽ بابت نيشنل ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٻڌايو ته شديد ??رفباري سبب وڻ ڪرڻ سبب ڪي??رن ئي رستن تي ا?? وڃ بند ٿي وئي ۽ گاڏيون ڪي??رن ئي ڪلاڪن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيون. ڪمپني ايم اي وي چيو آهي ته ملڪ جي اولهه ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾ ٽرينن جي ا?? وڃ پڻ متاثر ٿي آهي. ان صورتحال ۾ ٽرينن ۽ بسن جي مسافرن کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ مطابق گادي واري شهر فرينڪ لزٽ بين الاقوامي هوائي ا??ي تي ا??امن جي ا?? وڃ ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. اختيارين مطابق گادي واري شهر سميت متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado