گڏيل قومون- 24 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان روس ۽ يوڪرين تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پاڪستان روس – يوڪرين جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد تي ٿيل راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو، ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي اجلاس ۾ روس – يوڪرين تڪرار جي خاتم?? جي قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو نه وٺڻ جي وضاحت ڏيندي ٻڌايو ته هن ان قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ کان پاسو ڪيو، جنهن جو مسودو يوڪرين تيار ڪيو هو، شريڪ اسپانسرز طرفان تڪرار جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن باوجود ڪجهه ??قون هاڻي به پاڪستان جي ا??ول?? موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن. هن چيو ته پاڪستان خودمختياري، برابر خودمختياري ۽ رياستن جي علائقائي سالميت جي احترام جي اصول ۽ ڌمڪي يا طاقت جي استعمال سان علائقي کي حاصل نه ڪرڻ جي مطالب?? جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير چيو ته طاقت جي استعمال سان رياستن کي حاصل نٿو ڪري سگهجي پر کيس افسوس آهي ته پرڏيهي قبض?? جي صورتحال ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غير قانوني ۽ جبري الحاق جي جاري ڪوششن ۾ انهن ا??ول?? جو عالمي سطح تي لاڳو ۽ احترام نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ جامع، منصفاڻي ۽ ڊگهي مدي واري امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن لاءِ پنهنجي حمايت کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن ۽ عالمي تنظيمن کان قرارداد جي مطالب?? جي به توثيق ڪري ٿو. جيستائين اشتعال انگيزي جاري ??هي?? جنگ جو وڌيڪ فوجي ۽ جاگرافيائي طور تي وڌڻ جو سدائين خطرو موجود آه?? جيڪو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ هڪ فوري خطرو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته قرارداد جي مسودي ۾ موجود ا??ول?? ۽ عمومي شقن سان اتفاق ۽ ان جي توثيق ڪندي ڪجهه ??قون پاڪستان جي ا??ول?? موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن، هڪ اهڙي ملڪ جي طور تي جنهن پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊگهي تڪرارن کي ڏٺو ۽ ان کي منهن ڏنو ??هي?? اسان سڌو سنئون يا اڻ سڌو ڳالهيون، ثالثي ۽ ٻين پرامن ذريعن جي ذريعي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي حاصل ڪرڻ لاءِ دشمن?? جي فوري خاتمي ۽ ٻيهر ڳالهين جي آغاز کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان عالمي تڪرارن جي پيسفڪ سيٽلمنٽ لاءِ گڏيل قومن چارٽر جي شقن جي باب VI ۽ VIII تحت تڪرار جي پرامن سفارتي حل لاءِ ڳالهين کي برقرار رکڻ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، نئين سري سان ڳالهين جي پائيدار ڪوششن لاءِ گڏيل قومون ۽ سيڪريٽري جنرل اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته هڪ تعيري موقف ۾ ڌريون جلد ئي گڏيل ۽ جلد دشمن?? جي خاتمي کي قبول ڪري وٺنديون.
علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، يوڪرين جي حوالي سان قرارداد جون ڪجهه شقون پاڪستان جي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : números quina hoje