مملڪتي وزير فرخ حبيب پاران اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار


اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ رحمان ملڪ کي جنت نصيب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ

متعلقہ مضامین