اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته تعليم هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، استادن جي تربيت، مفت تعليم، سفري سهولتون ۽ ۽ آن لائن تعليم جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ??يا??ين ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ڪنوينشن سينٽر ۾ ”مسلم معاشرن ۾ ??يا??ين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته بدقسمتي سان مسلم معاشري ۾ ??يا??ين جي ا??ثريت تعليم جي حق کان محروم رهجي وڃي ٿي?? ان جو وڏو سبب ڪل??ر ۽ مذهب جي غلط تشريح آهي. هن چيو ته اسان کي تعليم کي پنهنجو ورثو سمجهڻو پوندو. حڪومت خاص طور ??يا??ين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ تعليم جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هن ڪانفرنس ۾ ??يا??ين جي تعليم تي غور ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي?? آهيون ۽ مون کي اميد آهي ته ??يا??ين جي تعليم کي هٿي ڏئي قابل عمل حل تلاش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ??يا??ين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ استادن جي تربيت مفت تعليم جي فراهمي سان انهن جي تعليمي ادارن تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ مفت سفري سهولتن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته آن لائن تعليمي سهولتون به ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اسان کي گهرجي ته معاشري ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪريون جنهن سان عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ٿين.
تعليم هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، استادن جي تربيت، مفت تعليم، سفري ۽ آن لائن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي نياڻين ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو: خالد مقبول صديقي
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha