اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ 14 هي?? پاڪستان – يورپي يونين گڏيل ڪميشن جي اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ پهريون مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. پاڪستان– يورپي يونين گڏيل ڪميشن جون 14 هون اجلاس 19 کان 21 نومبر 2024ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هلندڙ سال جي اجلاس جو مقصد پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي جنهن ۾ جمهوريت، حڪمراني، انساني حقن، اقتصادي ترقي ۽ واپار شامل آهن. ڪالهه خميس ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري ڪي?? بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ تعاون جي معاهدي تحت گڏيل ڪميشن جي جوڙجڪ آرٽيڪل 16تحت ڪئي وئي هئي جيڪو هڪ ساليانو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو، جتي ٻئي ڌريون اهم شعبن ۾ ڳالهيون ڪن ٿيون. ان اجلاس دوران ٻنهي ڌرين گذريل اجلاسن جي نتيجن تي ٻڌل قدمن ک?? اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان جي يورپي يونين سان مضبوط ۽ تعميري لاڳاپن ک?? هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته گڏيل ڪميشن هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي ٻئي ڌريون پنهنجي گڏيل هدفن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ۽ تعميري انداز ۾ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا ۽انهن مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهن ٿا جيڪي انهن جي خطن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. اجلاس دورا?? پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ حصيداري جي اهم شعبن ۾ تفيصل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان ۾ جمهوريت، حڪمراني ۽ انساني حقن ۾ بهتري لاءِ پاڪستان ۾ ڪيل سڌارن تي ڳالهه ??ولهه ڪئي وئي، جن جو مقصد شفافيت وڌائڻ ۽ ادارن ک?? مضبوط ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ نيشنل ايڪشن پلانز جي تڪميل، صحافين جي حفاظت، صنفي برابري، عورتن ۽ ٻارن جي حقن، اقليتي برادري جي حفاظت ۽ عدليه جي آزادي جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير پاڪستان جي هاڻوڪن قدمن تي روشني وڌي جن جو مقصد گمراهه ڪندڙ ڄاڻ کي پکيڙڻ کان روڪڻ، ڊجيٽل حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ حساس ڪميونٽي جي حقن ک?? يقيني بڻا??ڻ آهي. ه?? پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ته هو عالمي معيار موجب انهن قدمن ک?? اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جي ثقافتي ۽ سماجي قدرن جو احترام به ڪيو ويندو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ 14 هين پاڪستان – يورپي يونين گڏيل ڪميشن جي اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ پهريون مشاورتي اجلاس منعقد
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔