اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نق??ي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) سربراهي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو و??ڻ لاءِ اسلام آباد شهر جو دورو ڪيو. هن ڊي چوڪ، شاهراهه دستور، مري روڊ ۽ اسلام آباد ايڪسپريس وي جو تفصيلي معائنو ڪيو. گهرو وزير محسن نق??ي ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ شهر کي سينگارڻ ۽ صفائي جي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. گهرو وزير محسن نق??ي ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ بهترين انتظامن جي ه??ايت ڏيندي چيو ته شهر کي سينگارڻ ۽ اڏاوتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. سڄي اسلام آباد خ??ص طور تي وي وي آءِ پي روٽس ۽ ريڊ زون جي مڪمل صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. هن سمورن شاهراهن جي آس پاس جيڪي اجلاس واري هنڌ جي روٽس طور استعمال ٿيڻا آهن، اتا حد دخليون هٽائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. گهرو وزير محسن نق??ي چيو ته ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد جي قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪيو و??ندو. ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي شان مطابق انتظام ڪيا وي??دا. هن لاڳاپيل اختيارين کي شهر کي سينگارڻ ۽ صفائي جي انتظامن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون. اسلام آباد جي ڪمشنر محمد علي رنڌاوا وفاقي وزير کي اڏاوتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين پڻ وفاقي وزير سان گڏ هئا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد شهر جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب