اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پي??او??ر ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد ??صف سان مصر جي سفير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل د??چسپيءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي سهڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ ??اري وزير خواجه محمد ??صف سان ملاقات ڪئي. بچاءَ ??اري وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا خوشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. بچاءَ ??اري وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه محمد ??صف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي پي??او??ر سميت سمورن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. معزز مهمان نيڪ تمنائن لاءِ وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بچاءَ سميت گڏيل د??چسپيءَ جي سمورن معاملن ?? پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کان آگاهه ڪيو. زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ ??اري وزير سان ملاقات ڪئي. بچاءَ ??اري وزير پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا آهن. هن زمبابوي سان سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي سهڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل د??چسپيءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ۽ زمبابوي جي سفير جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر