اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته گرين پاڪستان انيشي ايٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ هن وقت تائين ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب معاهدا ڪيا آهن، مجموعي طور تي 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضي من??قل ٿي، من??وبي لاءِ پاڻي صوبن جي حصن مان ڏنو وين??و. ??الهه قومي اسيمبليءَ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ملندڙ 4.8 ملين ايڪڙ ايراضي جي حوالي سان سيد نويد قمر ۽ ٻين پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت بنجر زم??ن کي پوکي لائق بڻايو پيو وڃي، هاڻ تائين فقط 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضيءَ جي من??قلي ٿي چڪي آهي. هن چيو ته من??وبي تحت ڪارپوريٽ آمدنيءَ مان 40 سيڪڙو صوبن، 40 سيڪڙو سيڙپڪارن ۽ 20 سيڪڙو تحقيق ۽ ترقيءَ تي خرچ ٿيندي. من??وبي تحت گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو جي نالي سان ايس اي سي پي ۾ ڪمپني رجسٽرڊ ڪئي وئي آهي، جيترو پاڻي گهربل هوندو اهو صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو. هن چيو ته من??وبي تحت چولستان ڍنڍ جي اسڪيم بڻائي وئي آهي جيڪا 296 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي. 176 ڪلوميٽر جو نالو چولستان ۽ 120 ڪلوميٽر نرورٽ ڪينال آهي، ان سان 4.5 لک ايڪڙ ايراضي آباد ٿيندي. ارسا پنجاب سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڍنڍ لاءِ پاڻي پنجاب جي حصي مان ڏنو وين??و. ??ولستان ڪينال ڇهه ماهي ڪينال آهي، ڪينال کي 4 مهينا صوبي جي حصي مان ۽ ٻه مهينا ٻوڏ جو پاڻي ڏنو ويندو. سيد نويد قمر چيو ته هن وقت صرف پنجاب ۽ سنڌ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان معاهدو ڪيو آهي، پاڻيءَ جي استعمال جي حوالي سان سمورا معاملا واضح آهن. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي نه صرف پيداوار ۾ واڌ ٿيندي پر آبادگارن ۽ هارين جي حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪن جي ڀ??ٽ ۾ في ايڪڙ پيداوار گهٽ آهي. اسڪيم تحت پاڻي جي بهتر استعمال کي يقيني بڻايو ويندو. من??وبي تحت آمدنيءَ جو 20 سيڪڙو تحقيق تي استعمال ٿيندو. هن چيو ته ٽيلي ميٽري جو سڄو نظام ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ان تي عملدرآمد به جلد ٿيندو. مير غلام ٽالپر جي سوال تي هن چيو ته پيداوار وڌائڻ لاءِ روايتي پوکي سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ جديد ذريعن جو استعمال ضروري آهي. اسان جي وزارت صرف پاڻيءَ جي استعمال جي نگراني ڪندي. هن چيو ته ان من??وبي تحت صرف ريگستاني ۽ بنجر زم??نن کي آباد ڪيو پيو وڃي. سيد حسين طارق جي سوال تي هن چيو ته سڄي من??وبي جو مقصد پيداواري زراعت کي هٿي ڏيڻ آهي، ان سان پاڻي جي استعمال کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته جنهن صوبي کي اعتراض آهن اهو معاهدو ختم ڪري زم??ن واپس وٺي سگهي ٿو. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هي معاملو تمام اهم آهي، ماضيءَ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان معاهدا ٿيا آهن، اسان خدشن باوجود معاهدن کي قبول ڪيو آهي، هي اهڙو معاملو آهي جنهن سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڪوٽڙي کان هيٺ صرف ٻوڏ جو پاڻي وڃي رهيو آهي، معمول جو پاڻي ئي ناهي. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پ پ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ۽ اسان کي يقين آهي ته سنڌ ۾ هاڻ ڪڏهن به پاڪستان خلاف نعرو نه لڳندو، پ پ جي جدوجهد ۽ قربانين کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. شرميلا فاروقي چيو ته ننڍن صوبن ۾ ايترو پاڻي ناهي هون??و. ??ارپوريٽ فارمنگ هڪ سٺو قدم آهي پر زم??نون هڪ مخصوص ڪمپني کي ڏنيون پيون وڃن. نجي شعبي کي به ان ڪمپنيءَ ذريعي شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ صرف بنجر نه پر ٻيلا به ڏنا پيا وڃن. ان من??وبي جي حوالي سان سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ ضروري آ??ن. ??وبن وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملي تي اختلاف سامهون ايندا رهندا آهن. منهنجي گذارش آهي ته ان باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. حميد حسين نُڪتو اُٿاريو ته ڪرم ايجنسي ۾ حالتون ٺيڪ نا??ن. ??سان جي زم??ن جو تڪرار آهي ۽ ان تي وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اهو معاملو پُرامن طريقي سان حل ٿئي. هن چيو ته انتظاميه کي خاموش تماشائي جو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي. ان معاملي تي ايوان جي ڪميٽي بڻائي وڃي، هي معاملو ڳنڀير آهي ۽ ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
گرين پاڪستان انيشي ايٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضي منتقل ٿي، منصوبي لاءِ پاڻي صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو: وفاقي وزير مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2