اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهت??ي ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي وقت ??ي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غي??مش??وط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهت??ي ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ