اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته تحريڪ ا??صاف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ به اجلاس نه ٿيو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو، اڄ جيڪو رت وهي رهيو آهي ان جي ذميوار تحريڪ ا??صاف آهي۔ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن جي اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ٿيڻو پوندو. هن ??يو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي به گذارش ڪئي آهي ته هو خيبرپختونخواهه ۾ جديد بنيادن تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري. هن ??يو ته بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز قربانيون ڏئي رهي آهي، اسان شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ بلوچستان ۾ 11 دهشتگرد ماريا ويا، دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن شهادت ماڻي، ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته تحريڪ ا??صاف چار سال هن ??لڪ ۾ دهشتگردي کي فروغ ڏنو، اڄ جيڪي ??اق??ا ٿيا آهن ان جي ذميوار تحريڪ ا??صاف آهي. هن ??يو ته بلوچستان ۽ پنجاب ۾ دهشتگردي جي ??اق??ن ۾ اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي جوانن قربانيون ڏنيون، شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، جيڪي ماڻهو زخمي ٿيا، انهن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، انهن ??لڪ جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن. ميانوالي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال بابت هن ??يو ته آءِ جي پنجاب سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ميانوالي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿي چڪي آهي، پرامن طريقي سان معاملو حل ٿي ويو آهي، ٻن گروپن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ هئي جيڪا رڪجي وئي آهي ۽ ٻئي گروپ منتشر ٿي ويا آهن. مهتاب اڪبر راشدي جي اعتراض واري نقطي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪچي جي علائقي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن گڏجي آپريشن ڪيو، هڪ زماني ۾ اتي ڇوٽو گينگ هو جيڪو خوف جي علامت هو، موثر پوليسنگ جي ذريعي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن سان ڇوٽو گينگ کي پڪڙيو ويو هو. هن ??يو ته جيڪي پوليس اهلڪار ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ۾ شهيد ٿيا آهن، انهن جي لاءِ شهيد جو لفظ استعمال ٿيڻ گهرجي. اهڙي طرح جي آپريشنز ۾ جيڪي جوان پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪن ٿا انهن کي شهيد سڏيو، لکيو ۽ پڙهيو ويندو. هن ??يو ته ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جا جلد نتيجا نڪرندا، سمورن ڌاڙيلن جو صفايو ٿيندو. قومي اسيمبلي ميمبرن خواجه اظهارالحسن ۽ مرزا اختيار بيگ جي اعتراض واري نقطي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪراچي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جا منصوبا بحث هيٺ رهيا. هن ??يو ته ايئرپورٽس جي حوالي سان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد ايئرپورٽس جي صورتحال بهتر بڻائڻ آهي، اسان چاهيون ٿا ته ٻاهرئين ملڪ مان ماڻهو جڏهن ??تي اچن ته انهن کي سموريون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. هن ??يو ته آءِ پي پيز جي معاملن بابت ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، ماضي ۾ جڏهن ??ن ملڪ ۾ 18، 81 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي ته ان وقت ضرورت تحت گهٽ قيمت تي پاور پراجيڪٽ لڳايا ويا. هن ??يو ته انهن ??اور پراجيڪٽس قائم ڪرڻ ۾ نجي شعبي پڻ حصو ورتو، هاڻي اسان جون ضرورتون بدلجي چڪيون آهن، آءِ پي پيز جي معاملن تي نظرثاني جي لاءِ وزيراعظم نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي آهي. هن ??يو ته وفاقي حڪومت ٻن مهينن جي لاءِ بجلي جي بلن ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي، ٽاسڪ فورس آءِ پي پيز بابت پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. قومي اسيمبلي ميمبرن شازيه اسلم، فتح الله خان ۽ شاهده رحماني جي اعتراض واري نقطي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته هن ئي هائوس ۾ ڪنهن ??يو هو ته جان الله کي ڏيڻي آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسان جي هڪ معزز ميمبر تي منشيات جو الزام هڻي ان کي جيل ۾ بند ڪيو ويو هو. انٽرنيٽ جي سست رفتاري بابت هن ??يو ته پي ٽي اي چيئرمين ??يو آهي ته ڊيٽا پرائيويسي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي مئسلن بابت ويب مئنيجمينٽ سسٽم جو اپ گريڊ جاري آهي، ويب مئنيجمينٽ سسٽم جي اپ گريڊيشن ۽ وي پي اين جي وڌيڪ استعمال سان ڪجهه ڏينهن ??اٽس ايپ سروسز متاثر ٿيون، اهو معاملو عدليه ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سسٽم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن ??يو ته پي ٽي آءِ جو جنرل (ر) فيض سان گڏجي پلان هو ته 25 سال حڪومت ڪرڻي آهي. فائر وال به هڻڻو آهي، ڪاش ان وقت انهن دورانديشي جو مظاهرو ڪيو هجي ها ۽ اهو ڊائيڪٽو ايشو نه ڪيو هجي ها. هن ??يو ته اين ڊي ايم اي چيئرمين کي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، اين ڊي ايم اي موسم جي صورتحال کان باخبر رهڻ جي لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ سسٽم ه??يو آهي. هن ??يو ته عورتن جو احترام اسان تي فرض آهي، عورت جي لباس بابت اقبال آفريدي جي بيان تي افسوس آهي، ان کي پنهنجو اهو بيان واپس وٺڻ گهرجي. امن امان قائم ڪرڻ بابت اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته جڏهن به امن امان جي حوالي سان اجلاس ٿيا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي مڪمل حمايت حاصل رهي، سمورا ماڻهو هڪ پيج تي رهيا. هن ??يو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيلي جنس بيسڊ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن جي ضرورت آهي. هن ??يو ته صوبائي حڪومتن سان تعاون سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين.
تحريڪ انصاف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ به اجلاس نه ٿيو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو، اڄ جيڪو رت وهي رهيو آهي ان جي ذميوار تحريڪ انصاف آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha