اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪ??ال??جي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي جو اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪ??ال??جيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پ??ئيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ واپار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي و??ري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪ??ال??جي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي و??ير ايس ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري و??ارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪ??ال??جيز جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.
زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ آبادگارن وچ ۾ فاصلو گهٽ ڪرڻ ضروري آهي: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں