اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگه?? ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي يونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين اهم ڪردار ادا ڪري سگه?? ٿي. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پ??ڪستان مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم پاران يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن