اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جا??ي ڪئي وي??دي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪم??شن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ارب رپين جي منظوري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جا??ي ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪم??شن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جا??ي ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جا??ي ڪئي وي??دي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر