اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي م??جب نگران وزيراعظم ۽ هائي ڪمشنر ڪئناڊا پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي پروگرام، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي حڪومت پاران ترجيحي شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي معيشت جي استحڪام، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي ??يڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي تي روشني وڌي. ڪينيڊين هائي ڪمشنر پاڪستان حڪومت پاران ڪئناڊا جي افغان ري لوڪيشن پروگرام جي لاءِ ڪيل حمايت کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج