اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ?? واپار واري وقتي اف??ان وزير نورالدين عزيزي و??پار بابت پهرين پاڪستان – اف??انستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي و??پاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگان وفاقي و??ير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستان جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري و??ير، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري و??ير، مواصلات ۽ ريلويز واري و??ير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري و??ير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري و??ير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته اف??انستان جي صنعت ?? واپار واري وقتي و??ير دوري دوران نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي و??ير اف??انستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي و??ير اف??انستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري اف??ان حڪومت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ اف??انستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ