اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاق?? وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽ?? وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم وار?? وزارت مان جاري بيان مطابق وفاق?? وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو ج??ئز?? وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ??ميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پن??نج?? نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو وي??دو. هن چيو ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.
وفاقي تعليم مدد علي سنڌي پاران اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ