اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته اسان پنهنجي ڪوتاهين کي نظرانداز نه ڪ??داسين ته ڪ??تاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين. مختصر وقت ۾ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداسين. هن وقت تائين 3 ڪروڙ ٻا?? آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻا??ن کي تعليمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اه??و اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ عالمي خواندگي جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ ان يونيورسٽي جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن آهيان. هن عالمي يومِ خواندگي جي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي مبارڪباد ڏني. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به اسان وٽ 3 ڪروڙ ٻا?? اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي اسان کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياسين. هن چيو ته ان ٻا??ن کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبي جي ضرورت آهي.
ڪوتاهيون دُور ڪري اُميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين، اچو ملي عزم ڪريون: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار