اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي فيدرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي ڪار??رد??ي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراع??م چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراع??م چيو ته اهڙيون سرڪاري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪاري ڊويزن سان مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر حڪومت پاران ڏني ويندڙ 9415 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪ??ڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ??رب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سان ڊيجيٽل قدمن تي ڪم ڪ??و پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بيآر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن سان ڳنڍ??و پيو وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽيڪس ڏيندرن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هڪ لک 82 هزار نوان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌا??و پيو وڃي، هن سال 20 هزار ريٽيلرز پي او ايس ۾ شامل ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي پڻ حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي، ڪسٽمز ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان سنگل ونڊو کي وڌيڪ سرڪاري دارن سان ڳنڍ??و پيو وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڊويزن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، نجڪاري ڊويزن سرڪاري ڪارپوريشنز جي ڪار??رد??ي ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري ۽ ان حوالي سان نجي شعبي جي صلاحيتن جي استعمال ڪ??ڻ جي لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.
ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں