اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ ??ابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ??ه اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي ا??تي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي آ??ي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آ??ت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آ??ي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ ??ابت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.
پاڪستان پاران ٻوڏ امدادي ڪمن بابت ڀارتي خابرو اداري جي خبر ۾ هنيل الزام رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ