اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا ??اڳ??پا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگا?? ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا ??اڳ??پا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي واپارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب ره??ون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپن??ون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿ??ون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ن??ون راهون کل??ون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه ??ڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگا?? ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل