اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، مخال?? ڌر ڪبوترن وانگر پنڃري ۾ بند ٿي چڪي آهي اهي انهن جي سياست جا آخري ڏينهن آهن، سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح خچرن ۽ گهوڙن جي مينا بازار لڳي چڪي آهي اهو قابل مذمت آهي، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا، مارچ ۽ جلسا رضاڪاراڻا هوندا آهن جهڙي طرح جا جلسا عمران خان ڪندو آهي ن ليگ جو اڳواڻ جاويد لطيف هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري چڪو اليڪشن ڪميشن کي (ن) جي نظر لڳي چڪي آهي ان کي صرف پي ٽي آءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پريڊ چوڪ جي جلسي جي مشاورت جي لاءِ گهرايل اهم ترين اجلاس کانپوءِ وف??قي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلا??ات واري وف??قي وزير چي?? ته گڏيل قومن پاران اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان قرارداد پاڪستان ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جو نتيجو آهي جنهن تي مسلمان امت ۽ پاڪستاني مسلمانن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته ڊي چوڪ ۾ جلسي جي اعلان کانپوءِ مخال?? ڌر جي صفن ۾ گهٻرائٽ شروع ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن سڀ پروگرام ان تي ٿي ويا ته ڇو چي?? ويو ته 10 لک ماڻهن جي ميڙ مان گذري وڃڻو آهي ۽ پوءِ واپس اچڻو آهي. هن چي?? ته مخال?? ڌر ايتري ڪمزور دل هئي ته اهو ڪم ئي نه ڪري ها، سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، وف??قي وزير چي?? ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو خچرن ۽ گهوڙن جي مينا بازار لڳل آهي ۽ خريداري لاءِ بيگ ڀري آندا ويا آهن اهو قابل مذمت آهي، انشاءُ الله ان خريد ۽ وڪري جو ازالو به ڪنداسين ۽ ڪارروائي به. هن چي?? ته اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته خچرن ۽ گهوڙن سان گڏ حفاظت لاءِ ماڻهو به آندا ويا آهن. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن کي چوڻ چاهيان ٿو ته جاويد لطيف گذريل ڏينهن اعتراف ڪري ورتو آهي ته اسان هارس ٽريڊنگ ڪري رهيا آهيون، وف??قي وزير چي?? ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ جي نظر لڳي وئي اهي کيس ن ليگ نظر نٿي اچي ۽ هر طرف تحريڪ انصاف ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن چي?? ته چوڌري پرويز الاهي جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ جيڪي اسان جا اتحادي آهن انهن ۾ اسان جو اميدون آهن. چوڌري فواد حسين پريس ڪانفرنس دوران ڪبوترن جي پنڃري طرف اشارو ڪندي چي?? ته مخال?? ڌر ۽ انهن ڪبوترن ۾ هڪجهڙائي آهي جيڪي ڪبوترن وانگر بند ٿي چڪا آهن، مخال?? ڌر جي سياست جا آخري ڏينهن آهن انهن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، هن مخال?? ڌر کي مشورو ڏنو ته مرد بڻجو ۽ عمران خان وانگر ڪو هڪ وڏو جلسو ئي ڪري ڏيکاريو، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا. وف??قي وزير چي?? ته آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري پاڪستان کي شناخت ملي آهي، انشاءُ الله ان کي برقرار رکنداسين ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين.
سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن