ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ج?? حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، جاگرافيائي ج?? حوالي سان بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا ر??شن امڪان آهن. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ اسان کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پ??رل??امينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي تبديلين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پ??رل??امينٽرينز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي مح??اط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار