اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نيشن ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي سومر ڏينهن آگاهه ڪيو ويو ته مئي کانپوءِ پهريون ڀيرو وينٽيليٽرز تي ڪورونا جي مريض?? جو تعداد 100 کان گهٽ ٿي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ترقياتي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ محرم الحرام جي حوالي سان منصوبن ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزين بابت شڪايتن ۽ تعليمي ادارن جي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم محرم جي سرگرمين دوران بيماري جي پکڙجڻ جي اثر?? جو جائزو ورتو ۽ صوبائي حڪومتن جي ذريعي نافذ محرم جي انتظامي منصوبي تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ