رياض-06 آگسٽ (اي پي پي ) عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث تر??يه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ۾ غزه بحران تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز موجب سيڪريٽري جنرل جي ترجمان جمال رشدي ٻڌايو ته ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ملاقات دوران عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث خبردار ڪيو ته اسرائيل جي هاڻوڪن قدمن سان خط?? کي سنگين خطرا درپيش آهن. ملاقات ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن ۾ عرب ليگ ۽ تر??يه وچ ۾ لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جي طريق?? جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا خاص طور تي غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت دوران فلسطيني ڪاز جي حوالي سان اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل عالمي برادري کان مط??لبو ڪيو ته اها فلسطين جي عوام خاص ڪري غزه جي شهرين جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڀري، جيڪي اسرائيلي حملن سبب روزانو مشڪلات?? جو شڪار آهن . هن فوري جنگبندي، فوري امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل تي عمل لاءِ اعتماد جوڳو رستو ڪڍڻ لاءِ به زور ڀريو. عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل فلسطينين جي حمايت ۾ عالمي فورم ۾ تر??يه جي اصولي ۽ چٽي موقف جي تعريف ڪئي. ڌرين شام، ليبيا ۽ سوڊان جي تازي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات، غزه بحران تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔